راڻي جو ڀڙو

راڻي جو ڀڙو: هي قديمي ماڳ تعلقي عمرڪوٽ جي شهر صوفي فقير کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر طرف، صوفي شاخ جي کاٻي پاسي آهي. راڻي جو ڀڙو ڪافي ايڪڙن تي مشتمل هو، جنهن جو وڏو حصو هن وقت بنگلاڻين جي ڳوٺ هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن ته ڳوٺ جي وچ ۽ اتر طرف وارا دڙا رهائشي آباديءَ کان بچيل آهن. ڳوٺ جي اتر طرف وارو دڙو زمين جي سطح کان 6.5 فوٽ مٿي آهي. اهو دڙو راڻي مينڌري ڏانهن منسوب آهي، جنهن متعلق روايت آهي ته ان جاءِ تي راڻي مينڌري جو محلات هو ۽ ٻيا دڙا ٻي بستيءَ جا نشان آهن. راڻي جي ڀڙي کان ٿورو ڏکڻ ۾ مومل جي ڀڙي جا کنڊرات به آهن، جن بابت روايت آهي ته مومل ان جاءِ تي اچي رهي هئي.


لفظ راڻي جو ڀڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو